جنگشاھي ۾ رات تيز طوفاني ھوائـن سبب بجلي جو نظام بند

گذريل رات کان جنگشاھي ۾ اچانڪ تيز مٽي واري طوفان ھلي جيڪا 12 ڪلاڪن تائين شدت ھلڪي برسات سان گهٽ وڌ ٿيندي ٻئي شام جو 4 بجي ختم ٿي وئي ـ جنهن دوران ڪجهه جھوپڙيون ۽ بجلي جا ٿمبا ڪري پيا ـ

Advertisements

جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ويجھو نصب بم ڦاٽڻ کان اڳ ۾ ايس ايس پي ٺٽو ـ سنڌ رينجرز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گڏيل ڪاروائي سان ناڪارا : رپورٽ رياض بروھي

ـڪراچي ويندڙ بھاولالدين ذڪريا ايڪسپريس ۽ پنجاب ويندڙ ھزارا ايڪسپريس جا ھزارين مسافر جاني نقصان کان بچي ويا جڏھن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل جي حيدرآباد ٽيم ۽ سنڌ پوليس ضلعي ٺٽي جو ايس ايس پي شبير سيٺار ۽ سنڌ رينجرز جا اھلڪار واقعي واري ھنڌ جيڪا جنگشاھي کان 3 ڪلو ميٽر اولھ طرف ڳوٺ اسحاق کوھ لڳ تي پھچي ديسي ساخت جي رموٽ ڪنٽرول بم جنھن جو وزن 3 ڪلو کان وڌيڪ ھو کي ناڪارا بنائيندي ملڪ کي وڏي جاني نقصان کان بچائي ورتو جڏھن ته سيڪورٽي فورسز پاران علائقي کي ڪڙو چاڙھي سخت ڇاپن دوران ست شڪي دھشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ٻئي طرف ملڪ جي قومي ريلوي لائن اٽڪل ٽن ڪلاڪن تائين معتل ڪري ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو جنهن موجب جنگشاھي اسٽيشن تي ذڪريا ايڪسپريس ۽ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ـ رنپٺاڻي تي شاليمار ۽ عوام ايڪسپريس ـ جھمپير تي مھراڻ ايڪسپريس ۽ ڪوٽڙي اسٽيشن تي بولان ميل ـ جڏھن ته حيدرآباد اسٽيشن تي ملت ايڪپريس کي روڪرائي ٽريڪ کي بحال ٿيڻ بعد روانو ڪيو ويو ـ جنگشاھي اسٽيشن تي مسافر پريشاني سبب گاڏي تائين لھي احتجاج ڪيو ـ واقعي جي اطلاع کي ملڪ جي نيوز چينلز ۾ بريڪنگ طور ھلائي وئي ـ جڏھن ته واقعي جي لائيو ڪوريج لاء صحافين ۽ امدادي ڪاروائي لاء ايڌي جا رضاڪار به وڏي تعداد ۾ پھچي ويا ھئا ان موقعي تي مقامي رھواسين پاران مسافرن کي پيئڻ لاء مفت ٿڌي پاڻي جو بدوبست ڪيو ويو ـ جڏھن ته اھلڪارن پاران ابتدائي ڄاڻ وٺڻ لاء مشڪوڪ ماڻھن کي اڻڄان ھنڌن ڏانهن کڻائي ويا ـ ٽريڪ بحال ٿيڻ بعد ٽرينن کي پنهنجي منزلن ڏانهن روانو ڪيو ويو

يونين ڪائونسل جنگشاھي جو اقليتي ڪائونسلر ھميرو مل پاران يوسي انتظاميا خلاف پريس ڪلب جنگشاھي ۾ اجتجاجي پريس ڪانفرينس

جنگشاھي
يونين ڪائونسل ۾ اقليتي ڪائونسلر ھميرو مل پاران يوسي انتظاميا خلاف پريس ڪلب جنگشاھي ۾ اجتجاجي پريس ڪانفرينس ـ

چيئرمين رابطو نٿو ڪري ـ فون به نٿو کڻي ـ اجلاس نه ٿو گهرائي ـ رڪيل ترقياتي ڪمن جا فنڊ جاري ڪرائڻ لاء ڪنهن به قسم جو اطلاع نه آھي ـ ڪورم پورو نه ھئڻ جا ڪارڻ ٻڌائيندي ڪائونسلر ھميرومل چيو ته اسانجي يونين ڪائونسل جي ھڪ ميمبر جي وفات ۽ ھڪ عورت ڪائونسلر جي استيفا ڏيڻ بعد خالي سيٽن خالي پيا آھن ـ ـ ڪائونسلرز کي فنڊ نٿا ملن جنهن سبب شديد مشڪلاتن جا شڪار آھيون ـ ـ واسطيدار چيئرمين ۽ يوسي سيڪريٽري کان صحافين سندن موقف پڇيو ويو جن ٻڌايو ته ميٽنگ گزريل ھفتي ٿي ھئي ـ پر ھميرو مل ڪراچي ۾ ھجڻ جو اطلاعت ھو ـ جنهن سبب اجلاس شروع ڪري نه سگهيا سين ـ جڏھن ته سيڪريٽري جو چوڻ ھو ته ميمبرن جي ڪمي بابت اليڪشن ڪميشن کي لکيو آھي ھاڻ اليڪشن جڏهن به ڪن ـ نه ڪن اھو انهن جي وس آھي

يونين ڪائونسل جنگشاھي جي ديھ ھالاٽ ۾ موجود گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ 340 شاگرد ۽ شاگردياڻين لاء فقط ٻن ڪمرن ۾ تدريسي عمل

يونين ڪائونسل جنگشاھي جي ديھ ھالاٽ ۾ موجود گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ 340 شاگرد ۽ شاگردياڻين لاء فقط ٻن ڪمرن ۾ تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رھيو آھي ـ استادن ۽ شاگردن ٻڌايو ته ھتي وڌيڪ استادن جي ضرورت ھئڻ سان گڏوگڏ اسڪول ۾ فرنيچر ـ نوان ڪلاس روم ۽ ـ بيت الخلا جي ڪابه سھولت نه آھي ـ سوين شاگرد پيئڻ لاء ڀرواري شاخ ۾ بيٺل گندو ۽ بدبودار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن

ـ ھيڊ ماستر ممتاز علي پليجو ۽ رضاڪارانا طور پڙھائيندڙ معذور استاد عبدالواحد پليجو ٻڌايو ته تعليم کاتي کي مسلسل درخواست ڪرڻ باوجود ڪجھ به نه ملي سگھيو آھي شاگردن خصوصاً نياڻين کي واش روم نه ھئڻ سبب سخت پريشاني آھي ۽ چارديواري به نه آھي ـ وڌيڪ استادن ۽ لوئر اسٽاف جي به اڻھوند سبب سماجي اڳواڻن پاران اسڪول کي غير محفوظ ۽ سھولتون کان وانجھيل ھئڻ جو سنڌ ھاء ڪورٽ نوٽس وٺي تعليم کاتي کان جواب طلب ڪري ـ ۽ تعليم جي ھن مرڪزي اسڪول کي ويران ٿيڻ کان بچائڻ لاء رڳو اعلان نه پر عملي طور مثالي قدم کڻڻ گهرجن ـ ۽ فوري طور اسڪول کي اضافي ڪلاس روم ۽ ٻين سڀني بنيادي سھولتن سميت شمسي توانائي وارا ـ پنکا ۽ واٽر فلٽريشن ڪولر ـ ۽ اسٽاف مھيا ڪيا وڃن ۽ معذور استاد عبدالواحد پليجو سميت اضافي استادن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

By ……. Riaz Ahmed Brohi

“District Chairman Mr Ghulam Qadir Palijo Visited #Jungshahi Gujjo to NHA Karachi Road Construction”

نيشنل ھائي وي لڳ گجو کان جنگشاھي روڊ جي مرمت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي عوامي شڪايتن جو نوٽس وٺندي ضلع چيئرمين غلام قادر پليجو روڊ جي ٺيڪيدار ۽ انجنيئرن سان جنگشاھي ۽ گجي جي سماجي اڳواڻن جي وفد جا تحفظات دور ڪرڻ لاء روڊ جو دورو ڪيو ۽ ٺيڪيدار کي روڊ جي مرمتي ڪم پوري ڌيان سان مڪمل ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت کي رد ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي چيو ته جنگشاھي کي ڪراچي ۽ نوري آباد سان ملائيندڙ ھن اھم روڊ کي مستقبل جي ضرورتن موجب پائيدار ۽ ڪشاده ٺاھي علائقي جي عوام لاء بھتر سھولت بنائڻ گهرجي ـ ھن ٻڌايو ته تازو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جنگشاھي جي ڀرسان ڳوٺ سڪيلڌو برفت جي روڊ تي ناڪارا مٽيريل استعمال ھئڻ سبب ھڪ ٽرڪ حادثي جو شڪار ٿي ھئي جنهن کانپوء عوام پاران ھن گجو ـ جنگشاھي روڊ جي باري ۾ بيشمار شڪايتون وصول ٿيون آھن تنهنڪري اڄ واسطيدار ٺيڪيدار کي عوام جا جائز مطالبا پيش ڪيا آھن ـ ان موقعي تي جنگشاھي جو ضلع ڪائونسل ميمبر سلطان احمد پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي ڪارڪن ۽ شھري اڳواڻ به موجود ھئا

جنگشاھي ڪوھستان جي عوام پاران پاڻي ۽ بجلي جي بندش خلاف احتجاجي مظاھري کانپوء ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو آفس تي ڌرڻو ۽ ملاقات

جنگشاھي جي ڳوٺاڻن پاران پاڻي ۽ بجلي جي بندش خلاف پريس ڪلب جنگشاھي چوڪ آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو ان موقعي تي جنگشاھي جي سماجي ڪارڪنن ۽ رھواسين انتظاميا خلاف نعره بازي ڪندي چيو ته جنگشاھي جا ڪوھستاني ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاء سڀاڻي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندا ـ ۽ ڊي سي صاحب کي پاڻي جي کوٺ بابت دانهن ٻڌائيندا ـ ان موقعي تي سماج سڌارڪ قومي ڪارڪن پير غلام حسين ۽ راڻا اقبال راجپوت ۽ حاجي شفيق جوکيو پاران خطاب ڪيو وي ـ واضح رھي ته جنگشاھي واٽر سپلاء جي ناڪارا پائپن جي مرمت جو ڪم گذريل ٽن مھينن کان مڪمل ٿي نه سگهڻ سبب پاڻي جي کوٽ جو بحران وڌي رھيو آھي
جڏھن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا رھواسي ڏڪار سبب چوپائي مال ۽ ٻچن جي لاء لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن

Report
Riaz Brohi

Day 2nd  LATEST UPDATES

جنگشاھي ڪوھستان جي ڳوٺاڻن احتجاجي ڌرڻي لاء اڄ صبح جو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي جي آفس پھتا جتي ڊي سي صاحب سان ملاقات ڪري علائقي ۾ جاري پاڻي ۽ بجلي جي بحران بابت نوٽس وٺڻ لاء درخواست ڪيو جنھن کان پوء ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان تنوير فوري طور تي حيسڪو ۽ پبلڪ ھيلٿ جي عملدارن سان رابطو ڪري جنگشاھي واسين جي مسئلي کي جلد از جلد حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ۽ آيل احتجاجي وفد کي واسطيدار آفيسرن ڏانهن وڃڻ جو چيائين ـ ان موقعي تي جنگشاھي ڪوھستان پبلڪ ورڪنگ ڪميٽي جا عھديدار جن ۾ حاجي رفيق جوکيو ـ پير غلام حسين شاھ ـ راڻا اقبال راجپوت لالا فاروق احمد پٺاڻ ـ پبلڪ رائٽس اينڊ ايجوڪيشن ويلفيئر آرگنائزيشن جو چيئرمين ۽ پريس ڪلب جنگشاھي جو صدر نمائيندا امت عبدالرئوف بروھي ـ يونين ڪائونسل ڪوھستان 7/4 جو وائس چيئرمين احمد علي بروھي ـ پ پ پ صدر جمع خان جوکيو ـ حيدر جاکرو ـ ڪونسلر محمد زمان بروھي ـ ۽ ٻين معزز شھري نمائندن ظھير احمد پليجو ـ شفيق جوکيو ـ علي شير جوکيو ـ رياض احمد بروھي ـ نبي بخش جوکيو ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر جي ھدايت موجب حيسڪو ايڪسيئن آفيس مڪلي ۽ پبلڪ ھيلٿ آفيسر سان ملاقات ڪري انهن آڏو عوام جا مطالبا پيش ڪيا ـ جنهن جي جواب ۾ انهن ڪوھستان واسين ڳوٺاڻن ۽ جنگشاھي واسي شھرين کي ٻن ڏينهن جي اندر پاڻي ۽ بجلي جي فراھمي جي خاطري  کان پوء احتجاجي مظاھرين واپس جنگشاھي ڏانهن روانا ٿي ويا

جنگشاھي |ضلع ڪائونسل ٺٽو چيئرمين محترم غلام قادر پليجو پاران ھلندڙ بلدياتي ڪمن جو جائزو ۽ شھرين سان ملاقات

جنگشاھي | VOICE OF JUNGSHAHI

جنگشاھي | رپورٽ : ٺٽي ضلع ڪائونسل جو چيئرمين غلام قادر پليجو ۽ جنگشاھي جو ضلع ڪائونسلر سلطان پليجو پاران شھر جنگشاھي جي مختلف رھائشي علائقن جو تفصيلي دورو ڪري ترقياتي ڪمن جو مڪمل جائزو ورتو ويو ـ ان موقعي تي معزز شھرين ۽ نمائيندن سان ملاقات ڪري انهن جي مسئلن کي ٻڌي بروقت حڪم جاري ڪيا ـ جڏھن ته شھر جي سماجي ڪارڪنن ۽ معززين سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ھن شھر جي سڀني بنيادي سھولتن کي وقت سر مڪمل ڪرائڻ جي لاء
شھرين جي اعتماد ۽ تعاون سان انشاء الله شھر جنگشاھي جي ھر گهٽي ۽ رستن جا ڪم ڪرائبا ـ ان موقعي تي جنگشاھي جي صحافين کين پريس ڪلب جنگشاھي جي مخدوش حالت جو جائزو وٺڻ لاء چيو جنهن کي ضلع ڪائونسلر سلطان پليجو قبول ڪندي پريس ڪلب پھچي عمارت جي حالت جو جائزو وٺي صحافين سان ملاقات ڪندي چيو ته جنگشاھي پريس ڪلب جي مرمت لاء اوھان جي مدد ڪندا سين

Exclusively Reported by
Riaz Ahmed

ضلعي ٺٽي سنڌ جي ڪوھستاني ماڳ جنگشاهي جي پائپ لائنن مان پاڻي جا غير قانوني ڪنيڪشن ۽ چوري جو انڪشاف

ضلعي ٺٽي سنڌ جي ڪوھستاني ماڳ جنگشاهي جي پائپ لائنن مان غير قانوني ڪنيڪشن ۽ چوري جو انڪشاف

ڪراچي ويندڙ واھ ڪي ڊي اي جنهن مان جنگشاهيءَ واسين کي پاڻيءَ جي 8 ڪلو ميٽر طويل پائپ لائين جيڪا ارڙھن ڪروڙ جو منصوبو جيڪو جنگشاهي جي ھڪ ٺيڪيدار کي مليو پاڻي جي لائين ٺاهڻ بعد اهو پاڻي حوضن ۾ گهٽ پر ھن پائيپ لائين مان چوري ٿي رھيو آھي جنهن مان بااثر زميدارن جون زمينون آباد ٿي رهيون آھن ۽ جنگشاھي جي عوام پاڻي پيئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور آھن ان چوري کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت آھي، ڇو جو جتي عوام پيئڻ جي پاڻيءَ ڦڙي جي لاءِ پريشان آھي ۽ سنڌ جون نياڻيون ميلن جا ميل پيرن پنڌ ڪري پاڻي حاصل ڪن ٿا پاڻي کوٽ جا سبب ڳولڻ لاء سماجي نوجوانن ھمٿ ڪري اھو انڪشاف حاصل ڪري ورتو آھي اتي جتان پاڻي اچي ٿو ۽ جتان گذري پهچي ٿو، ان پائيپ لائين کي ٽوڙي ان مان زمينون آباد ڪيون پيون وڃن
جنگشاهي جي عوام پاران ھن بنيادي ۽ اهم مسئلي جي مستقل حل جي لاء ھر مھيني احتجاج ڪيو ويندو آھي جيڪي هيسيتائين ڀي لاڀ بڻيل آھن ڇو جو ڪي ڊي اي کان ايندڙ پاڻيءَ واري لائين جيڪا ٽوڙي ان مان زمينون آباد ڪيون پيون وڃن جنهن جي ڪري واٽر سپلائي جنگشاهي جي حوضن تائين پاڻي پھچڻ کان اڳ۾ چوري ٿي رھيو آھي سماجي ڪارڪنن عوامي آواز نمائيندي کي ٻڌائيندي چيو ته وس کان اپيل ڪيون ٿا ته جنگشاھي جي پاڻي خلاف ھن ھٿرادو بحران کي ختم ڪرائي علائقي جي سوين ڳوٺن ۾ رھندڙ ھزارين انسانن ۽ جانورن جي آبادي جي پيئڻ لاء پاڻي جي ھن مسئلي کي حل ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي وس آھر ڪوششون ڪن ۽ واٽر ڪميشن چيئرمين نوٽس وٺي پاڻي چورن خلاف قانون مطابق قدم کڻي

رياض احمد بروھي
عوامي آواز ٽي وي جنگشاھي

جنگشاھي الحاج علم الدين جوکيو ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ترڪ اليون کٽي ويو

اسپورٽس نيوز

جنگشاھي ۾ الحاج علم الدين جوکيو ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ ڳوٺ ساجن خان جوکيو جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شعبان اليون ۽ ترڪ اليون ۾ کيڏي وئي جنھن ۾ ترڪ اليون فائنل ڪپ کٽي ورتي مھمان خاص بابو غلام مصطفىٰ جوکيو چيئرمين يوسي ڪوھستان 7/4 پاران ونر ٽرافي ۽ انعام ڏنا ويا جڏھن ته مين آف دي ميچ سجاد نصير جوکيو کي قرار ڏنو ويو ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان شعبان جوکيو کي ڏنو ويو ۽ بھترين ڪارڪردگي ڪندڙ رانديگرن کي آرگنائيزر پرويز علي جوکيو ـ خليفو علي محمد شيخ ـ رحمت الله جوکيو ـ ظھير احمد پليجو ـ شوڪت پليجو پاران ميڊل پارايا ويا ـ ميچ جي ڪمنٽري الھ رکيو ۽ طارق جوکيو پاران ڪيو ويو ـ ميچ جي اختتام تي آيل سڀني مھمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ميچ ڏسڻ لاء تماشائي وڏي تعداد ۾ موجود ھئا

Reported
Riaz Ahmed Riazi

سنڌي ثقافت جو سرھاڻ ايڪتا ـ جنگشاھي شھر ۾ ملھايو ويو

جنگشاھي ۾ سنڌي ثقافت ڏيھاڙو اڄ 28 نومبر تي اڳواٽ ملھايو ويو ـ جنهن کي گورنمينٽ ھاء اسڪول کان پريس ڪلب جنگشاھي تائين ڪاوش نيوز جي ضلعي ٺٽي جي نمائيندي محبوب بروھي جي اڳواڻي ۾ ڪاوش جنگشاھي جي نمائيندي عبدالرحيم جوکيو پاران منعقد ڪيو ويو ـ جنھن ۾ معزز شھرين ـ استادن ۽ شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪري ڌرتي ماءٔ سان محبت جو اظھار ڪيائون

Reported
Riaz Ahmed Brohi